دل کڄي وئي
دنيا جي هر وهنوار تان دل کڄي وئي ڪوڙي سچي پيار تان دل کڄي وئي يوسف وڪاڻو ڀائرن هٿان هن زماي ۾ هر هڪ رشتيدار تان دل کڄي وئي سور صدما سهي پئي نينهن نڀايوسين اکيون ٻوٽي اعتبار تان دل کڄي وئي جيئڻ جا جذبا به وڃن ٿا وسامندا ڀانيان ٿو ته سنسار تان دل کڄي وئي رفيق راضي نه رب ڪري سگهياسين پنهنجي ئي ڪردار تان دل کڄي وئي
Ad
Poetry Books 50% Off
Bestselling collections from top poets
Shop Now →
